سومرو، عبدالجبار ’عبد‘

سومرو، عبدالجبار ’عبد‘

عبدالجبار عبد سومرو

عبدالجبار ’عبد‘ سومرو: ناميارو قلمڪار عبدالجبار عبد ولد فقير مولوي جان محمد سومرو (جانڻ فقير)، 20 ڊسمبر 1960ع تي شڪارپور جي ڳوٺ مريد سيٺار ۾ ڄائو. پرائمري پنج درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيائين، ناظره قرآن مجيد جي تعليم پنهنجي ناني فقير محمد اسلم سومري ۽ مولوي ارباب علي چنا کان حاصل ڪيائين. جڏهن سندس والد شڪارپور لڏي آيو ته فارسي تعليم شڪارپور ۾ ورتائين. سندس تعليمي لياقت ايم. اي سنڌي ۽ ايم. ايڊ آهي. عبدالجبار عبد پيشي جي لحاظ کان استاد آهي ۽ گورنمينٽ هاير سيڪنڊري اسڪول سلطان ڪوٽ ۾ سنڌي مضمون جي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. عبدالجبار ’عبد‘ 1979ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي. هن وقت تائين سندس ننڍا وڏا 55 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾: (1) حضرت خواجه غلام فريد، (2) ظلم جي زنجير (ڪهاڻيون)، (3) سر زمين سمرقند ۽ بخارا، (4) حيران هزارين، (5) حضرت بابا بلهي شاهه، (6) تصوف جي تاريخ (ترجمو)، (7) اسلام ۾ حلال ۽ حرام، (8) چل پل جو چٽڪو (مير شاهه پسند خان چانڊيي جو ڪلام) ۽ (9) سنڌي اديبن جي ڊائريڪٽري وغيره قابل ذڪر آهن. عبدلجبار عبد کي قلمي پورهيي جي اعتراف ۾ ڪيترائي انعام ۽ اعزاز ملي چڪا آهن، جن ۾ 1994ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران ٻاراڻي ادب تي ٻيو نمبر انعام، ساڳئي ئي سال سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن پاران بيسٽ رائيٽر آف 1994ع شڪارپور اوارڊ، 1999ع ۽ 2000ع ۾ ٻه ڀيرا ’عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ‘ پاران تنوير عباسي اوارڊ ۽ 2004ع ۾ سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور پاران سنڌي ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ ڪيل خدمتن جي مڃتا طور اوارڊ وغيره شامل آهن. عبدالجبار عبد نثر سان گڏ شاعري به ڪئي آهي، جيڪا اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪي آهي. هي اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ضلعي وار ٽيم جو ڪارڪن پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.12.20  عيسوي

ناميارو قلمڪار عبدالجبار عبد ولد فقير مولوي جان محمد سومرو (جانڻ فقير)، 20 ڊسمبر 1960ع تي شڪارپور جي ڳوٺ مريد سيٺار ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

احمد علي خان پتافي
سيد مقبول حسين موسوي
حڪم
رحيم بخش بدوي
امان الله وسطڙوشهيد
رياض باقر ڊاڪٽر
سنڌي شاعريءَ جي گرامر ۽ عروض جا محقق ۽ عالم
پاٽولي استاد عاشق حسين
جنيد احمد سومرو
جيلاني، سيد محمد صالح شاهه ثاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون